راولپنڊي-18 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي ??وامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) اير??ن جي حدن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ واري آپريشن مرگ بر، سرمچار جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان ۾ هاڻوڪن دهشتگرد حم??ن ۾ ملوث دهشتگردن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڊرونز، راڪيٽن، بارودي سرنگهن ۽ اسٽينڊ آف هٿيارن کي استعمال ڪيو ويو. ضمني نقصانن کان بچڻ لاءِ وڌ کان وڌ احتياط ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرف??ن جاري بيان موجب 18 جنوري 2024ع جي ??بح پاڪستان اير??ن جي اندر ٺڪاڻن تي موثر حملا ڪيا، جيڪي پاڪستان تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي ??ستعمال ۾ هئا. بيان ۾ چيو ويو ته بلوچستان لبريشن آرمي ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ نالي دهشتگرد تنظيمن جي ??ستعمال هيٺ ٺڪاڻن کي انٽيلي جنس تي ٻڌل آپريشن ۾ ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، ان آپريشن جو ڪوڊ نالو مرگ بر، سرمچار آهي. نشانو بڻايل ٺڪاڻا بدنام زمانه دهشتگرد استعمال ڪري رهيا هئا جن ۾ دوست عرف چيئرمين، بجر عرف سوغت، ساحل عرف شفيق، اصغر عرف بشام ۽ وزير عرف وزي شامل آهن. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته پاڪست??ن جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي ڪاررواين خلاف پاڪستاني شهرين جي ??فاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت تياري جي ??الت ۾ آهي. پاڪست??ن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ۽ ڪنهن به مهم جوئي خلاف تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اس??ن جو عزم اڻٽر آهي. عوام جي مدد سان پاڪست??ن جي سمورن دشمنن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ٻن پاڙيسري ملڪن سان ڳالهين ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، اس??ن جي پاڙيسري ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ۽ تعاون کي دانشمنداڻو سمجهيو ويندو آهي.
آپريشن مرگ بر سرمچار جا تفصيل جاري، پاڪستان ۾ هاڻوڪن دهشتگرد حملن ۾ ملوث دهشتگردن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڊرونز، راڪيٽن، بارودي سرنگهن ۽ اسٽينڊ آف هٿيارن کي استعمال ڪيو ويو: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا