اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل جي لا??ِ قومي سطح تي اتفاق راءِ ??يدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ملڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا چئلينجز درپيش آهن، ا??يد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت انهن مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي ڪوريج ڪندڙ صحافين سان مانجهاندي جي موقعي تي غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته حڪومت دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??رعزم آهي. هن چي?? ته ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل لاءِ اهل قيادت جي چونڊ ضروري آهي، ا??يد آهي 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ جيڪا به چونڊيل حڪومت ايندي اها ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي. هن چي?? ته نگران حڪومت آئين تحت ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هر هڪ کي آهي، مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ ۽ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جون شڪايتون آهن، جي يو آءِ سميت ڪيتريون ئي ٻيون پارٽيون به ليول پليئنگ فيلڊ جي گلا ڪري رهيُون آهن. هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ ??ر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.
ملڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا چئلينجز درپيش آهن: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج