اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پ??ڪس??ان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته رياستي ميڊيا ٻنهي طرفن ڄاڻ تائين پهچ ??و اهم ذريعو آهي، پ??ڪس??ان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطا قائم رکيا آهن. اها ڳالهه هن پ??ڪس??ان ۾ ??زا??ستان جي سفير يرزان ڪسٽافن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ، عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۽ قزاخستان ۾ ٻنهي ملڪن جي رياستي ميڊيا ادارن جون آفيسون قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان ??زا??ستان سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پ??ڪس??ان ٻنهي طرفن اطلاعات تائين پهچ ??و اهم ذريعو آهن. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان جي اطلاعات واري وزارت ۽ قزاخستان جي اطلاعات ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو. ان ڏس ۾ پ??ڪس??ان ۽ قزاخستان جي اطلاعات وارن وزيرن جي وچ ۾ زوم ذريعي ميٽنگ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پ??ڪس??ان (اي پي پي) ۽ نيشنل ڪمپني ??زا?? انفارميشن ايجنسي جي وچ ۾ 2018ع ۾ ميڊيا تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون هيون. هن چيو ته لاهور مان هڪ ٽيم فلم شوٽنگ جي لاءِ ??زا??ستان رواني ٿي رهي آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ طرف اهم قدم آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جو اهم ميمبر آهي، شنگهائي تعاون تنظيم جو ايندڙ اجلاس ??زا??ستان ۾ ٿي رهيو آهي، ايس سي او علائقائي ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جو هڪ متحرڪ پليٽ فارم آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پ??ڪس??ان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطا قائم رکيا آهن، اسان جا مفاد ۽ مقصد وسيع پئماني تي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. ??زا??ستان جي سفير پ??ڪس??ان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ قزاخستان جي اطلاعات ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي لاءِ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي ??زا??ستان جي دوري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ??زا??ستان جو صدر پ??ڪس??ان ۽ پ??ڪس??ان جي عوام سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو، ??زا??ستان جو صدر ايندڙ سال پ??ڪس??ان جو دورو ڪندو، سندس اهو دورو واپاري لحاظ کان اهميت رکن??ڙ هوندو جنهن سان ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن جي رياستي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. ??زا??ستان جي سفير چيو ته وچ اوڀر کي گرم پاڻين تائين پهچ ??ي لاءِ پ??ڪس??ان اهم ملڪ آهي جڏهن ته پ??ڪس??ان جو شهر سيالڪوٽ فٽبال ۽ سرجيڪل اوزارن جي تياري ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌيڪ وڌائڻ سميت ويجهي معاشي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.
پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، رياستي ميڊيا ٻنهي طرفن ڄاڻ تائين پهچ جو اهم ذريعو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم