اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ??يو آهي ته حڪومت اظ??ار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا تنظيمن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي سان ڳالهائيندي ??يو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وف??قي سيڪريٽري ظهور احمد، پرنسپل انفارميشن آفيسر طارق محمود خان ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي محمد عاصم کچي به موجود هُئا. نگران وز??راعظم ميڊ??ا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ اي پي اين ايس، سي پي اين اي اخباري صنعت جي مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وز??راعظم هدايت ڪئي ته ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن. نگران وز??راعظم چيو ته ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، حڪومت اظ??ار جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. ميڊيا تنظيمن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ