اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان شرم الشيخ ڪانفرنس ۾ آفتن سان ٿيندڙ زيان ۽ نقصان جي ايجنڊا کي موثر طريقي سان اجاگر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊ??مي?? فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، اهو هڪ تاريخي قدم آهي، پاڪستان جو ڪيس موسم??ات?? انصاف آهي خيرات نه آهي، ترقي يافته ملڪن پاران ماحول??ات?? تبديلين جي چئلينج کي قبول ڪرڻ خوش آئنده آهي، جڏهن ته ا?? ڏس ۾ ڪيل واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ ضروري هوندو. هو شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس دوران پاڪستان جي ڪامياب موسم??ات?? سفارتڪاري تي لاڳاپيل ادارن ۽ عالمي حصيدارن جي ڪوششن کي ساراهڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي تازي ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1800 فوتگيون ٿيون جڏهن ته زراعت، صنعت، لائيو اسٽاڪ، انفراسٽرڪچر سميت 30 ارب ڊالر جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪندڙ سمورن ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڪئي ويندڙ مدد سدائين ياد رکي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستانجي اندر به سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي، اهڙي طرح سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي. هن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي صوبائي ادارن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، موسم??ات?? تبديلي واري وزير شيري رحمان ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪوپ 27 جي عالمي فورم تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته موسم??ات?? تبديلي جي ڪري برساتن سان پاڪستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي جڏهن ته موسم??ات?? تبديلين جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو ??ان به گهٽ آهي، اسان جي خواهش ۽ دعا آهي ته جيڪو پاڪستان ۾ ٿيو اهو ڪنهن ٻئي ملڪ سان نه ٿئي جڏهن ته ا??ا تلخ حقيقت آهي ته موسم??ات?? تبديلين جي اثرن ۽ ان جي نتيجن ۾ رونما ٿيندڙ آفتون سرحدن جون پابند نه آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ا??و پهريون ڀيرو ٿيو جو پاڪستان جو آواز عالمي سطح تي ٻڌو ويو ۽ ان جي ڪوششن جي ڪري لاس اينڊ ڊ??مي?? فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، ان حوالي سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ماحول??ات?? تبديلين واري وزير شيري رحمان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ڪيس موسم??ات?? انصاف جو آهي خيرات جو نه آهي. هن چيو ته ا??ا ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترقي يافته دنيا موسم??ات?? تبديلي جي چئلينج جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي ۽ شرم الشيخ ۾ شاندار معاهدو طئي ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊ??مي?? فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جڏهن ته معاهدن تي عملدرآمد جي وڌيڪ اهميت هوندي ان موقعي تي وزيراعظم شرم الشيخ ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي موسم??ات?? تبديلي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.
پاڪستان شرم الشيخ ڪانفرنس ۾ آفتن سان ٿيندڙ زيان ۽ نقصان جي ايجنڊا کي موثر طريقي سان اجاگر ڪيو، لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام تاريخي قدم آهي، پاڪستان جو ڪيس موسمياتي انصاف آهي خيرات نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena