اسلام آباد– 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي پاڪستان ۽ سربيا جي وچ م ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعت ۽ واپار، قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا ڪيترائي موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سربيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير علي حيدر الطاف سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ??ه پاڪستان ۽ سربيا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي ت??اون جي امڪانن مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ??ن چيو ??ه نامزد سفير ڪاروباري ۽ واپاري رابطا قائم ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ڪوشش ڪري. ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ??ه پاڪستان جو سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دورن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري جڏهن ته اعليٰ فني ت??ليم، آءِ ٽي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ??ه پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ۽ سربيا جي وچ ۾ صنعت ۽ واپار، قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعان جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، اسلام آباد ۾ سربيا جو مشن کلڻ سان ڪاروبار ۽ عوامي رابطن ۾ آساني ٿيندي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي علي حيدر الطاف کي سربيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستاني مشن جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪندو.
پاڪستان ۽ سربيا جي وچ م ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ وڌيڪ اضافي ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ