راولپنڊي-14 اپريل (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ??يس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چي?? آهي ته پاڪ فوج ملڪي سلامتي ۽ دفاع لاءِ هر وقت چؤڪس ۽ تيار آهي، عوام جي حمايت فوج جي طاقت جو منبع آهي ۽ ان خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪئي ويندي، فوج کي سياسي معاملن کان ڌار رکيو وڃي، پاڪستان جو مستقبل جمهوريت ۾ آهي، ان شاءَ الله پاڪستان ۾ ڪڏهن به مارشل لا نه ايندي آرمي چي?? نه ته مُدت ۾ واڌ جو خواهشمند آهي ۽ نه ئي قبول ڪندو. گذريل ڏينهن پريس بريفنگ ۾ هن چي?? ته اڄ جي پريس بريفنگ جو مقصد قومي سلامتي جي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ آهي، ٻه ڏينهن اڳ آرمي چي?? جي صدارت هيٺ فارميشن ڪمانڊرز جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ملڪي سلامتي جي حوالي سان کنيل قدمن خاص ڪري اندروني سيڪيورٽي ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستيءَ کي نظر ۾ رکندي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان کي صحيح رُخ ۾ بهترين قدم قرار ڏنو، سڀني اتفاق ڪيو ته جمهوريت ۽ ادارن جي مضبوطي، قانون جي بالادستي ۽ سڀني ادارن جو آئين جي دائره اختيار ۾ رهڻ ملڪي مفاد ۾ آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي سرحدي صورتحال مستحڪم آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪنهن به قسم جي صورتحال لاءِ مڪمل طور تيار آهي. هن چي?? ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي. سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال جي پهرين 3 مهينن دوران مختلف ڪاررواين ۾ 128 دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته 270 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، ان دوران 97 آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردن خلاف ڪارروائيءَ ۾ وڏي بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻي. هن چي?? ته پاڪ فوج جا 168 آفيسر ۽ جوان گڏيل قومن جي امن مشن تحت عالمي امن لاءِ ??هادت ماڻي. ميجر جنرل بابر افتخار چي?? ته عوام جي حمايت فوج جي طاقت جو منع آهي ۽ ان خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪئي ويندي. هن چي?? ته فوج کي سياسي معاملن کان ڌار رکيو وڃي. تعميري تنقيد مناسب آهي، بي بنياد ڪردار ڪشي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. پاڪ فوج خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، عوام ۽ فوج وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪامياب نه ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته پاڪ فوج خط جي معاملي تي پنهنجو مؤقف قومي سلامتي ڪميٽيءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيو هو، ان جي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي. هن چي?? ته اسان جون ايجنسيون ۽ ادارا ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن، ڪنهن ملڪ طرف ميري اک سان ڏٺو ويو ته ان جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. سازش جي باري ۾ پُڇيل سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پاڻ ڏسي ورتو قومي سلامتي جي پڌرائيءَ ۾ سازش جو لفظ آهي يا نه؟ پاڪستان خلاف ڪنهن به قسم جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هڪ ٻئي سوال تي ڊي جي آءِ ??يس پي آر چي?? ته 9 اپريل جي رات وزيراعظم هائوس ۾ آرمي چي?? ۽ ڊي جي آءِ ??يس آءِ جي ان وقت جي وزيراعظم سان ڪا ملاقات نه ٿي، ان حوالي سان سڀ ڳالهيون ڪوڙيون آهن. بي بي سي صفا واهيات اسٽوري شايع ڪئي، ان کان وڏو ڪوڙ ڪنهن انٽرن:سنل ليڊنگ ايجنسي طرفان نٿو ٿي سگهي، اها هڪ من گهڙت اسٽوري هئي. هن وڌيڪ چي?? ته عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ ڪي به آپشن نه ڏنا هئا، ڊيڊ لاڪ دوران وزيراعظم آفيس مان آرمي چي?? سان رابطو ڪيو ويو ته ڪا وچ ٿري ڳالهه ڪريون، اسان جي سياسي جماعتن جي قيادت پاڻ ۾ ڳالهائڻ لاءِ ??يار نه هئي، جنهن تي آرمي چي?? ۽ ڊي جي آءِ ??يس آءِ ??تي ويا جتي ڪيترن ئي رفيقن جي موجودگيءَ ۾ 3 شيون ڊسڪس ٿيون ته ڇا ٿي سگهي ٿو، ان ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ، بي اعتماديءَ جي رٿ ۽ وزيراعظم طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ شامل هو. ڊي جي آءِ ??يس پي آر جو چوڻ هو ته ٽئين آپشن تي وزيراعظم چي?? ته اسان طرفان مخالف ڌُر سان ڳالهايو جنهن تي آرمي چي?? پي ڊي ??يم سامهون اها گذارش رکي. هن چي?? ته پاڪستان جو مستقبل صرف ۽ صرف جمهوريت ۾ آهي ۽ ان جو دفاع ڪرڻ سڀني جو فرض آهي، جمهوريت ئي پاڪستان کي اڳتي وڌي ويندو، ان شاءَ الله پاڪستان ۾ ڪڏهن مارشل لا نه ايندي هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ??يس پي آر جو چوڻ هو ته اسان جو سياست سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي، ڪنهن ننڍي چونڊ ۽ مڪاني چونڊ ۾ ڪا مداخلت نه ٿي، جيڪڏهن ڪو ثبوت آهي ته اسان مداخلت ڪئي ته اها سامهون کڻي اچو. هن چي?? ته انتشار لاءِ ??ٽائرڊ آفيسرن جا جعلي آڊيو پيغام پکيڙيا پيا وڃن، پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف لاڳاپيل ادارا ڪارروائي ڪري رهيا آهن. ميجر جنرل بابر افتخار چي?? ته آرمي چي?? نه ته مُدي ۾ واڌ جو خواهشمند آهي ۽ واڌ قبول ڪندو. آرمي چي?? نومبر ۾ رٽائر ٿي ويندو، شهباز شريف جي وزيراعظم طور حلف برداريءَ واري تقريب ۾ آرمي چي?? جو شريڪ نه ٿيڻ واري سوال تي ڊي جي آءِ ??يس پي آر چي?? ته آرمي چي?? جي ان ڏينهن طبيعت ٺيڪ نه هئي، هو آفيس پڻ نه اچي سگهيو. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ??يس پي آر چي?? ته آمريڪا طرفان فوجي اَڏن جو مطالبو نه ڪيو ويو، جيڪڏهن مطالبو ٿئي ها ته فوج جو به اهوئي مؤقف هجي ها جيڪو وزيراعظم جو هو. هن چي?? ته ملڪ جا ايٽمي اثاثا محفوظ آهن، انهن بابت ڳالهه ڪندي محتاط رهڻ گهرجي. ميجر جنرل بابر افتخار چي?? ته فوج يونٽي آف ڪمانڊ تي هلي ٿي، جيڏانهن آرمي چي?? ڏسي ٿو 7 لک فوج پڻ هوڏانهن ڏسي ٿي. ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، بلڪ ان خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته جلسا ۽ ريليون جمهوريت جو حصو آهن ۽ هي آزاد فضا وڏين قربانين سان حاصل ٿي آهي، ادارن پنهنجي جانين تي کيڏي ملڪ ۾ محفوظ ماحول پيدا ڪيو آهي.
پاڪ فوج ملڪي سلامتي ۽ دفاع لاءِ هر وقت چؤڪس ۽ تيار آهي، عوام جي حمايت فوج جي طاقت جو منبع آهي ۽ ان خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪئي ويندي، پاڪستان جو مستقبل جمهوريت ۾ آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی