اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبپاشي جي حوالي سان سمورن جاري م??صوبن کي ??قرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبي ذخيرن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي سان پوکي جوڳو بڻائڻ ملڪي غذائي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آبپاشي ج?? نظام جي بهتري لاءِ جامع لائحه عمل تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي صوبن ۾ پاڻي جي م??صفاڻي ورڇ لاءِ پائيدار ۽ ڊگهي مدي وار?? نظام، نهري پاڻي کي زرعي زمينن تائين ضايع ٿيڻ کانسواءِ پهچائن لاءِ حڪمت عملي، پاڻي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر نظام ۽ آبپاشي ج?? نظام کي ??سيع ڪري غير آباد زمينن کي ??وکي جي لائق بڻائڻ لاءِ منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت دريائي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي م??صوبن تي سنجيدگي سان عملدرآمد کي ??قيني بڻائي رهي آهي ۽ ان ڏهاڪي کي ڊيمن جي تعمير جي ڏهاڪي جو نالو ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ پنجاب صوبي ۽ خيبرپختونخوا ۾ پاڻي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي ??قيني بڻايو پيو وڃي، اجلاس کي ??ڌايو ويو ته وزيراعظم جي غذائي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تحت حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان تي به عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي، وزيراعظم سمورن جاري م??صوبن کي ??قرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي پاڻي جي ذخيرن جي م??صوبن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي سان پوکي جوڳي بڻائڻ کي ??لڪي غذائي تحفظ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، نائب منصوبابندي ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ اعليٰ صوبائي آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران آبپاشي جي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار