ڪراچي – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته گرين لائين منصوبي تي وفاق 35 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، (ن) ليگ رڳو ڪاغذن ۾ منصوبا شروع ڪيا، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪيتري پاڻي ۾ آهن اهو ڪر??چي وارا بهتر ڄاڻين ٿا، نوجوان نسل کي شدت پسندي کان پري رکڻ جي لاءِ مثبت سرگرميون فراهم ڪرڻيون پونديون، اسان جي خواهش آهي ته نوان ليکڪ ۽ شاعر اڀري سامهون اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 14 هين عالمي اردو ڪانفرنس جي م??قعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪي??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اردو دنيا جي ڳالهائي ويندڙ ڪج??ه وڏين زبانن مان آهي، جيترو لٽريچر ۽ شاعري اردو زبان ۾ آهي ان جو ڪو مقابلو نه آهي. هن چيو ته 25 ڊسمبر تي ڪر??چي ۾ قائداعظم جي پيدائش جو ڏهاڙو ۽ ڪر??مس جي تقريب گڏ ملهايا ويندا. چوڌري فواد حسين چيو ته نوجوان نسل کي شدت پسندي کان پري رکڻ جي لاءِ مثبت سرگرميون فراهم ڪرڻيون پونديون، اسلام آباد ۾ اسپورٽس ميلي ۽ آرٽس ڪائونسل پاران ڪر??چي ۾ اردو ڪانفرنس مثبت قدم آهي، اسان جي خواهش آهي ته نوان ليکڪ ۽ نوان شاعر اڀري سامهون اچن، اسان جي يونيورسٽين ۾ اهڙا نوجوان موجود آهن جيڪي شاعر ۽ ليکڪ به آهن، اسان کي انهن نوجوانن کي پروموٽ ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي فلم انڊسٽري کي پڻ مضبوط ڪري رهيا آهيون، پي ٽي وي فلم ٺاهي ڇڏيو آهي، جديد فلمسازي جي لاءِ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي. ان کانسواءِ ٽيپو سلطان ۽ ظهيرالدين بابر تي م??انگيون فلمون ٺاهيون پيون وڃن. چوڌري فواد حسين چيو ته اهو ڪم 20 سال اڳ ٿيڻ گهرجي ها، بدقسمتي سان ماضي ۾ ان طرف ڪنهن ڪو ڌيان نه ڏنو، هڪ طرف اسان بيروزگاري جو چئون ٿا پر ٻئي طرف اسان کي هنرمند افرادي قوت دستياب ناهي هوندي. هن چيو ته اسان جي م??ڊيا تمام وڏي آهي، ان شعبي ۾ ٽيڪنيڪل ماڻهن جي کوٽ آهي، اسان کي هنرمند افرادي قوت جي لاءِ عالمي حصيداري جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گرين لائين منصوبي تي وفاق 35 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، (ن) ليگ رڳو ڪاغذن ۾ منصوبا شروع ڪيا، اسان منصوبن کي عملي شڪل ڏئي رهيا آهيون، جهلم ۾ 1898ع جو جلال پور ڪي??ال منصوبو هاڻي وڃي ٺهيو آهي، منصوبا رڳو چوڻ سان ناهن ٺهندا، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪيتري پاڻي ۾ آهن اهو ڪر??چي وارا بهتر ڄاڻين ٿا.
گرين لائين منصوبي تي وفاق 35 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، (ن) ليگ رڳو ڪاغذن ۾ منصوبا شروع ڪيا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی