اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڪستان ۽ آم??يڪا جو گڏيل تعاون س??ائ??ن مثبت نتيجا رکندڙ رهيو آهي، پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. اها ڳالهه هن آم??يڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ آم??يڪا لاڳاپن، اقتصادي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ تعمير لاءِ پاڪستان ۽ آم??يڪا جو گڏيل تعاون س??ائ??ن مثبت نتيجا ڏيندڙ رهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آم??يڪا، پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي، آم??يڪي ڪمپنيون، 200 ملين آبادي تي مشتمل پاڪستان جي اڀرندڙ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي دوري تي آيل ايوان نمائندگان ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ۽ ڪانگريس ۾ ايمي بيرا سان ٿيندڙ ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. پاڪستاني ڄائي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود ڪابل مان آم??يڪي شهرين جي محفوظ نموني نڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڀرپور م??د تي پرڏيهي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.
پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام