اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن ۽ خصوصي م??ڻهن ??ميت معاشري جي م??روم طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري م??اشري جي جوڙجڪ لاءِ ع??رت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي ل??اظ کان مضبوط بڻائڻو پوندو، مختلف شعبن ۾ ڪامياب عورتن جي م??نت ۽ جدوجهد کي م??ڊل طور تي پيش ڪرڻ گهرجي، ميڊيا ۽ عالم سڳورا عورتن کي انهن ??ا حق ڏيڻ جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يوان صدر ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن ??ي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، يو اين وومين جي پاڪستان ۾ ڪنٽري هيڊ شرميلا رسول ۽ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ايندر لاڪا مينارا به تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ زندگي جي م??تلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته مجموعي ترقي لاءِ ع??رتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، عورتن جي حقن جا قانون پاڪستان قائم ٿيڻ جي وقت کان موجود آهن ??نهن هوندي به انهن ??ي موثر عملدرآمد جي سلسلي ۾ قانون ۾ ترميمون آنديون پيون وڃن. هن چيو ته اسلام عورت جي حقن ۽ معاشري ۾ باعزت مقام جو درس ڏي ٿو جنهن ??ي باري ۾ ماڻهن کي مڪمل آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته عورت جي صحت ۽ ٻارن جي واڌويجهه جو گهرو لاڳاپو آهي، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري م??اشري جي جوڙجڪ لاءِ ع??رت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي ل??اظ کان مضبوط بڻائڻو پوندو. هن چيو ته ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي عورتن جي صحت جي م??ئلن جي ڏس ۾ فوري طبي م??وري لاءِ ٽيلي هيلٿ سروس جو انتظام ڪرڻ گهرجي، ان سان خاص طور تي انهن ??ورتن کي سهولت ملندي جيڪي م??تلف سببن جي ڪري اسپتالن سان فوري رجوع نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته عورتون پنهنجي روين جي ذريعي وڌيڪ ذميوار ثابت ٿينديون آهن، ان جو ثبوت اهو آهي ته عورتن پاران قرضن جي واپسي جي شرح سئو سيڪڙو آهي، هن چيو ته حڪومت عورتن جي سهولت لاءِ آسان قرض ڏيڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي آهي تنهن هوندي به عورتن جي اڪثريت کي ان بابت مڪمل آگاهي نه هجڻ جي ڪري اهي ان سهولت مان فائدو نٿيون کڻي سگهن، لاڳاپيل ادارن ۽ تنظيمن کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن: صدر
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II