اس??ام آ??اد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پناهگاهن ۽ لنگر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جي ڏک ۽ درد جو احساس نه آهي، غريبن جي درد جي احساس جي دعويٰ ڪندڙ پرڏيهي ملڪ پنهنجي محلاتن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ عياشيون ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، اڄ کان پهرين ڪنهن حڪومت فوٽ پاٿن ۽ پارڪن تي سمهندڙن جو احساس ناهي ڪيو، وزيراع??م عمران خان جي قيادت ۾ اها حڪومت انهن جي ڏکن تي مرهم رکي رهي آهي، هن ملڪ جي عوام کي ماضي جي حڪمرانن بدعنواني، مني لان??رن?? ۽ غريبن جو رت چوسي عوام کي ڏک ڏنا، وزيراع??م عمران خان بهترين طريقي ۽ پرعزم انداز ۾ غريب عوام جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست طرف اڳڀرائي جو اهو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئي اليون ??ناهگاهه جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
پناهگاهن ۽ لنگر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جو احساس نه آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil