اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف عدالت?? فيصلي، مريم نواز کي پرڏيهي ملڪ وڃڻ لاءِ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي معاملي تي جائزو وٺندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ قانون جي بالادستي ۽ قانون جي هڪجهڙي لاڳو سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جا ادارا رياست جا ٿنڀ آهن، رياست جو مفاد هر حال ۾ اهم ۽ مٿانهون آهي، اسان کي پنهنجي ادارن کي ??گهه ڏيڻي ۽ بااختيار بڻائڻو آهي، آرمي چيف جي توسيع جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي ۽ قانوني ڪميٽي جي مشاورت کانپوءِ حتم?? فيصلو ڪيو ويندو ته حڪومت ان معاملي تي اپيل ۾ وڃي ??ي يا پارليامينٽ مان منظوري ورتي وڃي ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي ??ريفنگ ڏيندي ڪيو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز