لاهور – 02 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، اڄ متحد پاڪستان جو مقابلو ورهايل هندستان سان آهي، سمورين سياسي پارٽين پنهنجا اختلاف وساري اتحاد جو مظا??رو ڪيو ۽ سموري پارليامينٽ حڪومتي پاليسي تي اعتماد ڪيو. ايڪسپو سينٽر ۾ سپيريئر يونيورسٽي جي سالياني ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. قانون وارو صوبائي وزير راجا بشارت، سپيريئر يونيورسٽي جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر چوڌري عبدالرحمان، يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سميرا رحمان سميت استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ والدين جو وڏو انگ موجود هو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا