لاهور – 02 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڃا به ڀارتي جارحيت جو خ??رو موجود آهي، جنگيون شروع ڪرڻ آسان ۽ انهن کي ختم ڪرڻ تمام ??هڻو مشڪل هوندو آهي، روس پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ثالثي جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، ??اڪ??تان موجوده صورتحال تي رڳو خ??ي نه پر خطي کان ٻاهر به ملڪن سان مڪمل رابطن ۾ آهي، پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ان جي خاتمي جي حل جي معاملي تي اڄ آچر تي برطانوي ۽ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن کي خط لکندس، سومر تي برطانوي ۽ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن پاران پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ قراداد پڻ آندي ويندي، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جي پارليامينٽ ميمبرن سان پڻ رابطو ڪندس، اڄ ??اڪ??تان جي مثبت رويي جي ڪري دنيا ??اڪ??تان سان گڏ بيٺل آهي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.
اڃا به ڀارتي جارحيت جو خطرو موجود آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا