ڪوالالمپور – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نه ڪنهن کي اين آر او ڏينداسين ۽ نه ئي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي نالي تي مڪ مڪا جي اجازت ڏينداسين، مخالف ڌر کي حڪومت جي خاتمي جي تمام جلدي آهي، انهن کي ڊپ آهي جيتري دير عمران خان حڪومت ۾ هوندو انهن جي ل??ءِ خطري جي گهنٽي وڄندي رهندي، هر سال پا??ست??ن ۾ 10 ارب ڊالر جي مني ل??نڊرنگ ڪئي وڃي ٿي، حڪومتي قدمن جي ڪري مني ل??نڊرنگ کي انتهائي مشڪل بڻائي ڇڏينداسين. ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ پا??ست??ني برادري کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماڻهن، ادارن ۽ قومن جي زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهن??ا آهن، لاها چاڙها ان لاءِ اين??ا آهن ڇو ته الله طرفان اهو هڪ پيغام هون??و آهي ته توهان غلطي ڪري رهيا آهيو ان کي ٺيڪ ڪريو، جيڪي قومون پنهنجون غلطيون ٺيڪ نه ٿيون ڪن الله انهن کي برباد ڪري ڇڏي ٿو پر جيڪا ق??م پنهنجي غلطين مان سکي اصلاح جي رستي تي هلي ٿي اها مضبوط ٿئي ٿي.
نه اين آر او ۽ نه ئي چارٽر آف ڊيموڪريسي جي اجازت ڏينداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔