گڏيل قومون -30 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل کان مطالبو ڪيو آهي، ته غزه ۾ جنگ بندي لاڳو ڪرڻ ??اءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهي ۽ اسرائيل خلاف هٿيارن جي پا??ندي جهڙا قدم کڻي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن وچ اوڀر جي صورتحال تي 15 رڪني ڪائو??سل کي ٻڌايو ته اسرائيل کي درخواست ڪرڻ جو ڪو به فائدو نه ٿيو آهي، اسان گڏيل قومن جي چارٽر جي باب 7 تحت غزه ۾ فوري ۽ غي?? مشروط جنگ بندي لاڳو ڪرڻ ??اءِ سياسي اتفاق راءِ کي متحرڪ ڪرڻ چاهيون ٿا. پاڪستاني نمائندي چيو ته اسرائيل پا??ان جاري جارحيت سان نه صرف خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿي رهيو آهي، پر ان سان عالمي امن، سلامتي ۽ عالمي نظام کي هڪ منظم خطرو پڻ آهي. هن چيو ته دنيا هاڻوڪي تاريخ ۾ عالمي انساني قانون جي سڀ کان وڌيڪ سنگين خلاف ورزين جو مشاهدو ڪري رهي آهي، جنهن کي انصاف جي عالمي عدالت مذمت جوڳي ??سل ڪشي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته انساني بحران کي امداد جي ناڪابندي ۽ فاقه ڪشي واري حڪمت عملي کي هٿي وٺائي وڌايو ويو آهي. واضح طور تي غي?? انساني جارحيت اسرائيلي اڳواڻن جي انتهاپسنداڻي ايجنڊا جي عڪاسي ڪري ٿي، پاڪستان جي نمائندي چيو ته پاڪستان لبنان، شام ۽ ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري ٿو جنهن سان پوري وچ اوڀر خطي ۾ هڪ وسيع جنگ جو خطرو آهي. هن چيو ته سلامتي ڪائو??سل ۽ عالمي برادري کي هاڻي فيصلو ڪرڻ گهرجي. اسان کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانوني حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا ٻي صورت ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي بنياد تي ٺهيل عالمي نظام جي خاتمي جو خطرو آهي. ان سلسلي ۾ هن اسرائيل پا??ان غزه جي انساني ناڪابندي کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن غزه پٽي ۾ ڦاٿل جنگ متاثرن لاءِ ضروري سامان، خوراڪ ۽ طبي امداد پهچائي سگهجي. هن چيو ته اسرائيل کي گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي کي غي??قانوني قرار ڏيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن پا??يدار امن لاءِ هڪ سياسي عمل شروع ڪرڻ تي زور ڀريو. منير اڪرم چيو ته ٻه رياستي حل جي بحالي لاءِ فلسطين کي فوري طور تي مڪمل رياست طور تسليم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي وڌيڪ رتوڇاڻ روڪڻ ۽ فلسطينين ۽ خطي جي سمورين رياستن لاءِ انسانيت، انصاف ۽ سلامتي تي مشتمل ديرپا حل لاءِ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان اڃا به وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج