برسلز -05 آگسٽ (اي پي پي) بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني ?? يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو. تقريب ۾ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لگزمبرگ لاءِ پاڪستان جي سف??ر آمنه بلوچ ۽ ڪشمير ڪائونسل يورپي يونين جي چيئرمين علي رضا سيد خطاب ڪيو جڏهن ته صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مشاهد حسين سيد جا پيغام ??ڌايا ويا. يورپي يونين ، بيلجيئم ۽ لگزمبرگ ۾ پاڪستان جي سف??ر آمنه بلوچ يوم استحصال ڪشمير جي اهميت تي زور ڀريندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اخلاقي ۽ قانوني ذميوارين کي پورو ڪري. پاڪستاني سفير ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي ??ي صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وزيراعظم م??مد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم م??مد اسحاق ڊار جا پيغام ??ڙهي ٻڌايا ويا، جن ۾ ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي اڻ ٽٽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان موقعي ??ي اڳوڻي وفاقي وزير مشاهد حسين سيد جو رڪارڊ ڪيل پيغام به ٻڌايو ويو جنهن ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جي ذميوارين کي اجاگر ڪيو ويو.
برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم استحصال ڪشمير جي تقريب منعقد
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک