واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ڪرس وان هولن ج?? پاڪستان هائوس واشنگٽن ۾ خاص ملاقات ٿي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي تم??م گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سينيٽر هولن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل 5 مهين کان جاري گهيراءُ، بنا جواز پابند??ن ۽ امن امان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال کان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : راکی