اسلام آباد – 10 آگسٽ (ا?? پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري اميد ظاهر ڪئ?? آهي ته 18 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي جوڙجڪ جو ??مل مڪمل ٿي ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نوان چون??يل ميمبر 13 آگسٽ تي حلف کڻندا ۽ انهي ڏينهن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي. چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان قومي اسيمبلي مان وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ 18 آگسٽ تي ايوان صدر ۾ پنهنجي عهدي جو ??لف کڻندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي ميمبرن بابت ڪو فيصلو اڃان تائين حتمي ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو ??ربراهه منسٽر انڪليو جي مرمت ۽ رنگ روغن ج?? ڪم جاري هجڻ سبب پنجاب هائوس ۾ قيام ڪندو.
مضمون کا ماخذ : apostas quina