حيدرآباد – 27 مارچ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته اڄ پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي پر سنڌ جي عوام جي زندگي تبديل ن??هي ٿي، پرويز مشرف جي آمريت ۽ زردارين جي حڪمراني سنڌ کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ببر شير ميدان ۾ اچي ويو آهي، گدڙ پاڻ ئي ڀڄي ويندا. ورڪرز ڪنوينش?? کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪنن ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي آهي. هن ??يو ته نواز شريف اقتدار سنڀاليو ته ملڪ اونداهين ۾ ٻڏل هو، عوام ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتاخورن جي چنبي ۾ هو، خزانو خالي هو، ريلوي سميت سرڪاري ادارا تباهه هئا، وزيراعظم نواز شريف پاڪستا?? کي تبديل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، ??ڄ ملڪ جو تبديل ٿيل نقشو سڀني جي سامهون آهي، دهشتگرد ڀڄي رهيا آهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن جي پويان آهن.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری