جنيوا-28 مارچ (اي پي پي) جنيوا ۾ قائم پن??هگيرن بابت عالمي اداري چيو آهي ته 2023ع دوران 62 هزار 285 کان وڌيڪ غيرقانوني پن??هگير فوت يا گم ٿيا. شنهوا موجب اداري پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو ته 62 هزار 285 غير قانوني پن??هگيرن مان 28 هزار 854 بابت خيال ڪيو وڃي ٿو ته اهي آفريقي يا ايشيائي هئ?? جيڪي روم سمنڊ پار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي زندگي وڃا??ي ويٺا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جن پن??هگيرن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي انهن مان ه?? ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ جو تعلق افغانستان، برما، شام ۽ ايٿوپيا جهڙن ملڪن سان هو، جتي هٿياربند جهڙپون ٿي رهيون آهن. ٻئي پاسي آءِ او ايم جي انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته گذريل ڏهاڪي ۾ غير قانوني پن??هگيرن لاءِ سڀ کان خطرناڪ سال 2023ع رهيو، خاص طور تي روم سمنڊ ۾ فوتگين جي انگ ۾ تيزي سان اضافي سبب گذريل سال 8 هزار 541 غير قانوني پن??هگير پنهنجون زندگيون وڃا??ي ويٺا.
62 هزار کان وڌيڪ غير قانوني پناهگير 2023ع دوران فوت يا گم ٿيا: پناهگيرن بابت عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث