مڪه مڪرمه – 09 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته گذريل سال سهولتن ۾ اضافي سبب عمري زائرين جو انگ لڳ ڀڳ 50 لک (58 سيڪڙو) جي رڪارڊ اضافي سان هڪ ڪروڙ 35 لک 50 هزار تائين پهچي ??يو آهي جيڪو هاڻي تائين سڀ کان وڌيڪ آهي. اردو نيوز مطابق اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن حج ۽ عمره ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 2019ع ۾ پرڏيهي ملڪن مان 85 لک 50 هزار عمري زائرين آيا هئا، مڪه روٽ پراجيڪٽ سان هاڻي تائين 8 ملڪن مان 6 لک 17 هزار فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. هن چيو ته عمري زائرين جي آمد کي آسان بڻائڻ لاءِ اي ويزا جي سهولت ڏني وئي آهي، ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پارٽنرز سان گڏجي سڌي ريت اڏامن ۾ اضافو ڪيو ??يو آهي، پهرين 164 ايئرپورٽس کان اڏامون اي??دي??ن هو??دي??ن هاڻي ان جو انگ 32 سيڪڙو اضافي سان 216 ڪري ڇڏيو. ??ن جو چوڻ هو ته سعودي عرب پنهنجي تاريخي هنڌن کي جديد رخن تي هموار ڪري رهيو آهي، هاڻي تائين 10 نئين تاريخي هنڌن تي ڪم مڪمل ڪيو ??يو آهي، 8 اهڙا هنڌ تيار ڪيا ويا آ??ن جنهن سان زائرين جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو، 12 تاريخي هنڌن تي جديد رخن کي هموار ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، سعودي حج وزير ٻڌايو ته حج 2024ع ??وران 35 کان وڌيڪ ڪمپنيون زائرين کي خدمتون فراهم ڪ??دي??ن. هن چيو ته ان سال مديني شريف ۾ به عمره ڪانفرنس ۽ نمائش جو اهتمام ڪيو ??يو آهي جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ملڪن جي وزيرن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. سمورن شرڪت ڪندڙ سان حج انتظامن جي حوالي سان معاهدا ڪيا ويا آهن.
سهولتن ۾ اضافي سان گذريل سال عمري زائرين جي انگ ۾ 50 لک جو اضافي سان انگ هڪ ڪروڙ 35 لک تائين پهچي ويو: سعودي حج ۽ عمري واري وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں