تهران -04 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي عدالت ٻن مقامي عورت صحافين کي سازش ۽ ملي ڀڳت ڪرڻ جي الزام تي هڪ مهينو ق??د جي سزا ٻڌ??ئي آهي. ايران جي خابرو اداري موجب ايران جي عدالت صحافڻ نگين باقري ۽ ايلناز محمدي کي 3 سال ق??د جي معطل شده سزا ٻڌ??ئي هئي جڏهن ته اهي جيل ۾ هڪ مهينو گذارينديون. ميڊيا سان ڳالهائيندي عورت صحافين جي وڪيل عامر رئيسيان چيو ته ق??د جي باقي عرصو 5 سالن لاءِ معطل ڪئي وئي آهي ۽ ان دوران کين پيشيواراڻي اخلاقي تربيت وٺڻي پوندي ۽ ٻنهي عورتن جي ملڪ ڇڏڻ تي پڻ پابندي آهي جڏهن ته ان ڳالهه جي وضاحت ناهي ڪئي وئ?? ته ڇا اهي عدالتي فيصلي خلاف اپيل ڪري سگهن ٿيون يا نه جڏهن ته ايران جي ميڊيا به صحافين خلاف الزامن جا تفصيل ناهن ٻڌايا.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا