رياض -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت آفيشل اڪائونٽ ذريعي ضيوف الرحمان جي استقبال ۾ هڪ سينيما فلم جو آغاز ڪري ورتو آه??. سعودي خابرو اداري مطابق اها فلم حج جا رڪن ادا ڪرڻ جي تياري جي موقعي تي پيش ڪئي ويندي. حج ۽ عمري بابت وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آه?? ته ڪجهه ڏينهن بعد سڄي دنيا مان لکين مسلمان ان عظيم تلبيه جو ورد ڪندا سعودي عرب اتان جي حڪومت ۽ عوام حا??ين جي ميزباني لاءِ تياري ڪري ورتي آه??. ان موقعي تي هن خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا به مڃيا جن جي خاص هدايتن تحت حا??ين جي ميزباني بابت تيارين جون ڪوششون جاري آه??. هن چيو ته اسان 160 ملڪن مان 20 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن جي ميزباني جي تياري ڪري ورتي آه??. ان سلسلي ۾ 9 اسٽيشون ۽ 17 ريل گاڏيون به ان خدمت ۾ شامل هونديون جڏهن ته 24 هزار ب??ون به ان خدمت جي ٻيڙي ۾ شامل آه??. منيٰ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو خيما شهر ٺاهيو ويو آه?? ان خيما وسندي جي اي??اضي 21 لک 92 هزار چورس ميٽر آه??.
سعودي دنيا کان ايندڙ 20 لک حج پانڌيئڙن جي ميزباني جي تياري ڪري ورتي آهي: سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان